ڪي پي اسيمبلي ۾ علي امين جي گمشدگي بابت ٺهراءُ منظور، اسپيڪر آءِ جي کي طلب ڪري ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گمشدگي بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران قانون واري صوبائي وزير آفتاب عالم وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گمشدگي بابت ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزير ۽ ڪي پي جي گورنر کي گهربو هو ته صوبائي حڪومت کي آگاهه ڪن، اسپيڪر انٽيليجنس ادارن ۽ سڀني لاڳاپين ادارن کان رپورٽ طلب ڪري.
ٺهراءَ موجب اسپيڪر سمورا قانوني قدم کڻي ايوان کي اعتماد ۾ وٺي.
اسپيڪر بابر سليم سواتي ٺهراءَ جي روشني ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ پرنسپال سي ايم سيڪريٽري کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.