ملتان (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ ڪپتان شان مسعود، سعود شڪيل، بابر اعظم، صائم ايوب، عبدالله شفيق، محمد رضوان، سلمان علي آغا، عامر جمال، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ ابرار احمد شامل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کان ملتان ۾ شروع ٿيندي.
You might also like