دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ روايتي مخالف ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ ڪئي پر سواءِ ندا ڊار جي ٽاپ آرڊر ۽ مڊل آرڊر ناڪام رهيو.
سدرا امين 8، عميما سهيل 3، منيبا علي 17، عاليا رياض 4، ڪپتان فاطما ثنا 13 رنسون ٺاهيون، گل فيروزا ۽ طوبيٰ حسن کاتو ئي نه کوليو، جڏهن ته ندا ڊار 28 رنسن جي اننگز کيڏي، عروب شاهه 14 ۽ نشرا سنڌو 6 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيون.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 18.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ڀارت طرفان شفالي ورما 32، هرمن پريت ڪور 29، جمائما روڊريگز 23 رنسن سان اڳڀريون رهيون.
پاڪستان طرفان فاطما ثنا 2، سعديا اقبال ۽ عميما سهيل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like