ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي به نظر لڳڻ تي يقين رکي ٿي، جنهن جو توڙ اداڪارا صدين پراڻي ٽوٽڪي سان ڪندي آهي.
اننيا پانڊي فلم انڊسٽري کانپوءِ هاڻ نيٽ فلڪس جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو آهي، جتي هوءَ نيٽ فلڪس جي سيريز ”سي ٽي آر ايل“ ۾ نظر ايندي، جنهن لاءِ اداڪارا اڄڪلهه پروموشن ۾ مصروف آهي.
هڪ يوٽيوب چينل تي اداڪارا پنهنجي نيٽ فلڪس سيريز جي مشهوري ڪندي انڪشاف ڪيو ته برائيءَ کان بچڻ لاءِ هر هفتي پنهنجي نظر وڍيندي آهيان.
هن چيو ته مان هر هفتي مرچن سان نظر وڍيندي آهيان، جيڪڏهن انهن مان بدبوءِ اچي ته ان جو مطلب آهي توهان کي نظر آهي.
سندس چوڻ هو ته مون کي مرچ ساڙڻ جو ڪارڻ ناهي خبر، ان کانسواءِ بري نظر کان بچڻ لاءِ ماءُ ڪن جي پويان ٻه ڪارا ٽڪا لڳائيندي آهي، ماڻهو سمجهندا آهن ته مان وهنجي ناهيان ويندي، تنهن ڪري ڪن جي پويان گندگي لڳل آهي پر منهنجي ماءُ هر هر ٽڪو لڳائيندي آهي.
واضح رهي ته اننيا پانڊي مقبول اداڪار چنڪي پانڊي جي ڌيءُ آهي.
You might also like