پرتگالي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو جي يوٽيوب تي وڌندڙ مقبوليت مشهور انٽرنيٽ شخصيت بيسٽ کي ڳڻتي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.
يوٽيوب تي سعودي عرب جي ڪلب النصر جي اسٽار طرفان رڪارڊ ٽوڙ سبڪسرائيبرز مشهور انٽرنيٽ شخصيت مسٽر بيسٽ کي ارجنٽينا کي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ڪپتان ليونل ميسي سان هٿ ملائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
پرتگالي اسٽار رونالڊو ۽ ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي وچ ۾ ميدان ۽ ميدان کان ٻاهر به اڪثر هڪ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو مسٽر بيسٽ النصر جي اسٽار جي مقبوليت کي گهٽائڻ لاءِ ميسي ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي مسٽر بيسٽ ( عرف جمي ڊونلڊسن ) انڪشاف ڪيو ته هو بنا ويڙهه جي رونالڊو کي پنهنجي رڪارڊ کان اڳتي نه وڌڻ ڏيندو، سندس مقابلي لاءِ ميسي کي يوٽيوب تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن پرتگالي اسٽار جي مقبوليت آڏو بند ٻڌي سگهجي.
واضح رهي ته النصر جي ڪپتان آگسٽ ۾ يوٽيوب چئنل لانچ ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڏهه ملين سبسڪرائيبرز جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
رونالڊو جي يو آر ڪرسٽيانو جا 63.9 ملين يوٽيوب سبسڪرائيبرز آهن جڏهن ته مسٽر بيسٽ 11 سالن دوران 318 ملين سبڪسرائيبرز حاصل ڪيا.
You might also like