ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانوي تعليمي بورڊ ڏهين جماعت سال 2024 جي سائنس گروپ جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٽرڪ بورڊ ۾ 28 ورهين کانپوءِ ڪنهن سرڪاري اسڪول جي شاگرد پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، ميٽرڪ امتحانن ۾ آخري ڀيرو پهرين پوزيشن 1996 ۾ دهلي گورنمينٽ بوائز اسڪول جي شاگرد امتياز حاصل ڪئي هئي.
سائنس گروپ ۾ پهرين پوزيشن دهلي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪريم آباد جي حافظ عبدالرافع، ٻي پوزيشن شمسي سوسائٽي جي نجي اسڪول جي شاگردياڻي روميسا عمران ۽ نارٿ ناطم آباد جي نجي اسڪول جي شاگردياڻي رخسار عبدالله ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
هن سال هڪ لک 63 هزار 12 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا هئا ۽ هڪ لک 62 هزار 26 امتحانن ۾ شرڪت ڪئي، هڪ لک 31 هزار 614 اميدوار سڀني پرچن ۾ ڪامياب رهيا، امتحانن ۾ ڪاميابي جي شرح 81.23 سيڪڙو رهي.
You might also like