اُها اداڪارا، جنهن سان سلمان خان کي رومانوي منظر شوٽ ڪرائڻ ۾ پنج مهينا لڳي ويا!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي هدايتڪار سورج برجاتيا چيو آهي ته بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان کي فلم ” پريم رتن ڌن پايو“ “ اداڪارا سونم ڪپور سان رومانوي سين ڪرڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ پنج مهينا لڳي ويا هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هدايتڪار سورج برجاتيا پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ سلمان خان ۽ سونم ڪپور جي بلاڪ بسٽر فلم پريم رتن ڌن پايو بابت ويچار ونڊيا.
هدايتڪار چيو ته جڏهن هن سلمان خان کي پريم رتن ڌن پايو جي مرڪزي هيروئن جو نالو ٻڌايو ۽ تصويرون ڏيکاريون ته هو دنگ رهجي ويو ۽ وري هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريو.
سورج برجاتيا چيو ته جڏهن هڪ مهيني کانپوءِ سلمان خان سان ٻيهر رابطو ڪيو ته سندس چوڻ هوته هو في الحال پنهنجي فيصلي تي غور ڪري رهيو آهي ڇو ته سونم ڪپور کائنس عمر گهڻي ننڍي آهي.
هن چيو ته سلمان خان جو چوڻ هو ته سونم سندس دوست جي ڌيءَ آهي، سندس ئي آڏو وڏي ٿي آهي هو ساڻس رومانوي سين ڪئين ڪري سگهي ٿو؟
هدايتڪار چيو ته سلمان خان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ته راضي ٿي ويو پر هو سونم ڪپور سان رومانوي سين ڪرڻ کان لنوائي رهيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته سلمان خان کي فلم ۾ سونم ڪپور سان رومانوي منظر شوٽ ڪرائڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ پنج مهينا لڳي ويا هئا.
ياد رهي ته 2015ع ۾ رليز ٿيل سپر هٽ فلم ” پريم رتن ڌن پايو “ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلمن جي لسٽ ۾ ٻيو نمبر ماڻيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.