پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته جي شنڪر جي حوالي سان ميڊيا ۾ منهنجو بيان حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته ٽي وي اينڪر جي شنڪر جي اچڻ جي ڳالهه ڪئي ته مان چيو جي شنڪر کي دعوت ڏيان ٿو ته هو پي ٽي آءِ جو پرامن احتجاج ڏسي، منهنجو بيان اڌ پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪا صحافتي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، منهنجي بيان جي مڪمل وڊيو هلائي وڃي.
هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج کي شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس سان غلط جوڙي رهي آهي، اسان شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ ايندڙ معززن کي احتجاج ۾ شموليت جي دعوت ڏيون ٿا.
You might also like