ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سرڪاري ملازم هاڻ روڊن تي نڪري احتجاج نه ڪري سگهندا، ان حوالي سان عدالت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
سرڪاري پڌرائي موجب هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت سرڪاري ملازم سول سيڪريٽريٽ ۽ روڊن تي احتجاج کان پاسو ڪن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج لاءِ هنڌن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا جي حڪمن جي پيروي ڪئي وڃي پر ملازم ڊيوٽي جي وقت ۾ احتجاج نٿا ڪري سگهن ۽ ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like