ملتان ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر جو روٽ چيو آهي ته پاڪستان جو گذريل دورويادگار رهيو هو، ڪجهه رانديگر گهٽ تجربو رکندڙ آهن پر سڀ پرجوش آهن.
ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انگلش بيٽر جو روٽ چيو ته هو پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ مڪمل طور تيار آهن، نوجوان رانديگرن ۾ ٽيلنٽ ۽ اسڪلز آهي، هو اميدن تي پورو لهندا.
انگلش بيٽر چيو ته فاسٽ بالنگ اسڪواڊ گذريل سيريز کان مختلف آهي، اسان پنهنجي حڪمت عملي تحت کيڏڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيوته في الحال پِچ ناهي ڏٺي، ٿي سگهو ٿي پِچ بالرن لاءِ مددگار هجي، پاڪستان ٽيم ۾ ميچ ونر آهن، ميزبان ٽيم کي پنهنجي ڪنڊيشنز جو فائدو ٿي سگهي ٿو.
جو روٽ چيو ته پاڪستان ٽيم جو معيار آهي، ڪڏهن به غلط اندازو ناهي لڳايو، اسان کي پنهنجي راند تي ڌيان ڏيڻ ۽ سٺو کيڏڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو فوڪس ماضيءَ جي ڪارڪردگي تي ناهي، ڪاميابيءَ لاءِ بيٽرن کي رنسون ۽ بالرن کي ويهه وڪيٽون حاصل ڪرڻيون پونديون.
You might also like