سوات (ويب ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انٽيليجنس بيسڊ گڏيل آپريشن ۾ پرڏيهي سفارتڪارن جي قافلي تي حملي ۾ ملوث سربراهه عطاالله سميت ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سوات جي علائقي چار باغ ۾ انٽيليجنس بيسڊ گڏيل آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد سربراهه عطاالله عرف مهراڻ سميت ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگرد عطاالله عرف مهراڻ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هو، هو پرڏيهي معزنن جي قافلي کي وٺي ويندڙ پوليس گاڏي تي بم حملي ۾ به ملوث هو.
You might also like