پائلٽ جو جهاز اڏائڻ کان انڪار، مسافر ڪاوڙجي پيا

ڀارتي ايئر لائن جي پائلٽ ڊيوٽي جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ جهاز اڏائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي شهر پوني کان بينگلورو ويندڙ مقامي ايئر لائن ۾ گذريل مهيني جي 24 تاريخ تي پيش آيو، جتي پائلٽ طرفان جهاز اڏائڻ کان انڪار سبب مسافرن کي 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
ميڊيا رپورٽن موجب مسافرن سان ڀريل جهاز جي وڊيو ان وقت سوشل ميڊيا ۽ خبرن جي زينت بڻي، جڏهن پائلٽ جهاز اڏائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته پائلٽ جو چوڻ هو ته ان جا جهاز اڏائڻ جا ڪلاڪ پورا ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري هو واڌو ڊيوٽي نٿو ڪري سگهي، جنهن کانپوءِ مسافرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ معاملي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.
ايئر لائن ۽ پائلٽ کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي هوابازي جي هڪ تجربي ڪار سنجي لازار وضاحت ڪئي ته مسافرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ پائلٽس ۽ عملي ٻنهي جي وقت جو ڪم عالمي سطح تي ريگوليٽ ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته هيءَ ڪا فيڪٽري ناهي جو ضرورت پوڻ تي ملازم کي گهرايو وڃي، پائلٽ واڌو ڊيوٽي نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ان ائين ڪيو ته کيس ڳرو ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
هوڏانهن ايئر لائن انتظاميا انتظار ڪرائڻ تي مسافرن سان معذرت به ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.