پنهنجي ئي پسٽل مان گولي ڇٽڻ سبب زخمي ٿيندڙ گووندا جي وڊيو منظرِعام تي اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا کي گولي لڳڻ کانپوءِ سندس پهرين وڊيو منظرِعام تي اچي وئي.
واضح رهي گووندا پهرين آڪٽوبر جي صبح اٽڪل چار لڳي 45 منٽن تي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، هو هڪ شو لاءِ صبح ڇهين وڳي جي فلائيٽ ذريعي ڪولڪتا لاءِ وڃي رهيو هو.
جمعي تي گووندا کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سندس وهيل چيئر تي ويٺي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ گووندا جي ڀرپاسي ماڻهن جو هجوم نظر اچي رهيو آهي ۽ اداڪار پنهنجي چاهيندڙ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جي اڳيان هٿ ٻڌي سندن شڪريو ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.