ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي شاهه رخ خان جي نياڻي ۽ پنهنجي دوست سهانا خان جو نمبر ليڪ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اننيا پانڊي اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ” سي ٽي آر ايل “ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ يوٽيوب شو دوران ڳالهائيندي اننيا، سهانا خان جو نمبر ليڪ ڪرن جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هوءَ سوشل ميڊيا تي غلطي سبب سهانا خان جو نمبر ليڪ ڪري ويٺي هئي جنهن کانپوءِ سهانا جو نمبر هيڪ ٿي ويو هو.
ادڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ سهانا کي فيس ٽائيم ڪال ڪري رهي هئي، سهانا فون نه پئي کنيو ۽ هن اسڪرين شاٽ وٺي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته ان اسڪرين شاٽ ۾ سهانا جو نمبر به موجود هو ۽ ائين هوءَ سهانا جو نمبر ليڪ ڪري ويٺي هئي.
اننيا ٻڌايو ته ان کانپوءِ سهانا کيس فون ڪري ٻڌايو ته سندس نمبر هيڪ ٿي ويو آهي، ڪنهن هن کي ٻڌايو ته اِهو مون ڪيو آهي.
ڳالهه ٻولهه دوران اننيا پانڊي پاڻ پنهنجو فون نمبر ليڪ ڪرڻ جي به دلچسپ ڪهاڻي شيئر ڪئي.
اننيا ٻڌايو ته هن هڪ ڀيري غلطي سبب پنهنجو نمبر به ليڪ ڪري ڇڏيو هو.
اداڪارا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران پريس ڪانفرنس ٿي رهي هئي، سندس انٽرويو شروع ٿي چڪو هو ان دوران ڪجهه رپورٽرز وٽس آيا ۽ نمبر گهريو جيڪو هن ڏئي ڇڏيو.
اننيا چيو ته هن کي خبر نه هئي ته انٽرويو شروع ٿي چڪو آهي، ان کانپوءِ ماڻهو سندس نمبر سان گڏ يوٽيوب تي انٽرويو جي ڪلب شيئر ڪري ڇڏي جيڪا وائرل ٿي وئي.