ممبئي(ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪار ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ جي گهرواري انوشڪا شرما نه رڳو پنهنجي مداحن ۾ مقبول آهي پر انڊسٽريءَ ۾ به سندس ڪيئي چاهيندڙ موجود آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر پنهنجي پروگرام ڪافي ود ڪرن جي اٺين سيزن جي پنجين قسط ۾اداڪارا جي سامهون ان راز تان پردو کنيو.
ان قسط ۾ انوشڪا شرما سان گڏ ڪترينا ڪيف پڻ موجود هئي ۽ پروگرام سنسني پکيڙڻ لاءِ ڪرن جوهر انوشڪا شرما جي سامهون هڪ راز کوليو.
فلمساز انوشڪا کي مخاطب ڪندي سوال پڇيو ته ڇا توکي خبر آهي ته ارجن ڪپور شروع کان اوهان جي محبت ۾ گرفتار رهيو آهي، يقينن اوهان کي ان حوالي سان ڄاڻ هوندي؟
جواب ۾ انوشڪا حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اِهو سچ آهي؟ هن کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي، رڳو انوشڪا نه پر ڪترينا ڪيف به ڪرن جوهر جي انڪشاف تي دنگ رهجي وئي.
انوشڪا شرما ڪرن جوهر کي چيو ته اوهان پنهنجي شو ۾ ڪجهه به ۽ ڪائي به ڳالهه ڇيڙي ڇڏيندا آهيو، جنهن تي ڪرن وضاحت پيش ڪندي چيو ته ارجن ڪپور پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي.