حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ ميرٽ تي ڌاڙن کي لڪائڻ لاءِ ھٿرادو مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن. 16 سالن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ کي ڪرپشن جي منڊي بڻائي ڇڏيو آھي. ذھين نوجوانن کي ميرٽ تي داخلائون ۽ نوڪريون نٿيون ملن. جيڪو جيترو طاقتور آھي اھو ايتريون وڏيون نوڪريون خريد ڪري ٿو. پبلڪ سروس ڪميشن کي اي ٽي ايم مشين بڻايو ويو آھي. جيستائين پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ھوندي ان وقت تائين سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ تي داخلائون ۽ نوڪريون نه ملنديون.