اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ انڪشاف ٿيو ته ٺٽو-ڪينجهر روڊ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ٽٽي ويو آهي. اعجاز جکراڻي جي صدارت هيٺ مواصلات بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. ڪاميٽي ميمبر اياز علي شاهه انڪشاف ڪيو ته ٺٽو-ڪينجهر روڊ مڪمل ناهي ٿيو ۽ ٽٽي ويو آهي، روز حادثا ٿين ٿا. هن چيو ته معاملي تي جاچ ڪاميٽي ٺاهيو ته ٺيڪيدار اهو ڪارنامو ڪيو آهي، هن 20 ڪلوميٽر جي پراجيڪٽ تي لاڳت ڪيتري آئي آهي؟ نيشنل هاءِ وي عملدارن ٻڌايو ته پراجيڪٽ 35 ڪروڙ رپين جو آهي اڃا مڪمل ناهي ٿيو. ڪاميٽي ميمبر اياز علي شاهه چيو ته ڪاميٽي جاچ ڪرڻ چاهي ٿي ته اين ايڇ اي کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڪاميٽي چيئرمين چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته روڊ پورو ناهي ٿيو اڳ ئي ٽٽي چڪو آهي. ڪاميٽي چيئرمين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته معاملي تي انڪوائري ڪاميٽي ٺاهي جلد کان جلد رپورٽ جمع ڪرايو.