قومي ٽيم جي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار رضوان کي پي سي بي پاليسين تي خدشا

پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي قيادت تان هٿ کڻڻ کانپوءِ محمد رضوان کي ٽيم جو نئون ڪپتان بڻائڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
محمد رضوان جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيٽ ڪيپر سان سليڪشن جي حوالي سان به مشاورت ناهي ڪئي وئي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، بنگلاديش ٽيسٽ دوران رضوان کي ٽيم جي ڪنهن به مئنيجمينٽ ميٽنگ ۾ دعوت نه ڏني وئي هئي.
ذريعن موجب، ڪپتاني جي آڇ ڪئي ٿي تڏهن به محمد رضوان تڪڙ ۾ فيصلو نه ڪندو، ڪپتانن سان ماضي ۾ ٿيل ورتاءُ بابت پنهنجا خدشا پي سي بي جي آڏو رکندو.
ذريعن موجب، قومي ٽيم ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر رانديگرن کي پي سي بي جي پاليسين تي سخت خدشا آهن.
ياد رهي ته بابر اعظم اڱاري جي رات پاڪستان مينز وائيٽ بال جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏني هئي جيڪا پي سي بي طرفان منظور ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.