پي ٽي آءِ وارا لاش چاهين ٿا، عمران خان اڳ ۾ ذهني غلامي مان ته نڪري: فيصل واوڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڇڪتاڻ ۽ لاش چاهين ٿا، تنهن ڪري ڊي چوڪ ايندا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو پي ٽي آءِ باني اڳ ۾ پاڻ کي ذهني غلامي کان ته آزاد ڪري، بزدلي اها آهي ته توهان غريبن کي مارائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، اهي چاهين ٿا ته معصوم پاڪستانين جو رت وهي، پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، عمران خان آزادي جي جدوجهد لاءِ اڳ ۾ پنهنجي پٽن کي واپس گهرائي.
هن چيو ته اهي ڊي چوڪ ان ڪري ايندا، ڇو ته انهن کي ڇڪتاڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارا لاش چاهين ٿا، پي ٽي آءِ باني پنهنجي سياست جي تابوت ۾ آخري ڪوڪ ٺوڪي رهيو آهي، گنڊاپور بدمعاشي ۽ غنڊا گردي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، توهان ڪي پي جا وسيلا پنهنجي احتجاج لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو، ڪي پي ۽ پنجاب جي پوليس آمهون سامهون بيهي شيلنگ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.