ايم ڊي ڪيٽ پرچو،چيف سيڪريٽري،صحت کاتي جو سيڪريٽري ۽ يونيورسٽين جا وي سي طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 9 آڪٽوبر تي سنڌجي چيف سيڪريٽري ،صحت کاتي جي سيڪريٽري بورڊ اينڊيونيورسٽن جي سيڪريٽري کي طلب ڪيو آهي .عدالت پي ايم سي جي صدر ڊاڪٽر رضوان تاج کي به طلب ڪيو آهي .سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽن جي وائيس چانسلرن کي به طلب ڪيو آهي .عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته موجوده انٽري ٽيسٽ  جي ميڪنزم شاگردن ۽ هن جي گهروارن جي لاءِ هڪ دٻائو آهي .هن سان ماڻهن کي ڪرپشن ۽ غيرقانوني سرگرمين جو موقعو ملندو آهي .عدالت چيو ته آغا خان ۽آءِ بي اي جي عملدارن کان ماهرانه راهه طلب ڪئي وڃي .مستقبل ۾ انٽري ٽيسٽ بهتر ٺاهيو وڃي .عدالت درخواستگذار کان 190نمبر کڻندڙ شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.