رتيش پاران رشتو ختم ڪرڻ جو پيغام، جينيليا ڊپريشن ۾ مبتلا، پاڻ ڪيائين انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي خوبرو جوڙي رتيش ديش مک ۽ جينيليا ڊي سوزا شادي کان اڳ ٿيل هڪ يادگار قصو ڇيڙي ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران جينيليا پنهنجي زندگيءَ جي يادگار پيغام بابت ٻڌايو جنهن اداڪارا کي ڊپريشن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
جينيليا ڊي سوزا ٻڌايو ته اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هو هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا هئا ۽ پهرين اپريل يعني اپريل فول جو ڏينهن هو، ان دوران رتيش جو هڪ ميسج ڪيو ۽ لکيو ته بس گهڻو ٿيو، رشتي کي ختم ڪيون ٿا، اِهو ميسج ڪري هو سمهي پيو.
اداڪارا موجب، تن ڏينهن ۾ رتيش دير سان سمهندو هو جڏهن ته هوءَ جلدي سمهي پوندي هئي پر ان رات هو ميسج ڪري سمهي پيو، اداڪارا رات جو اڍائي وڳي جڏهن اِهو پيغام پڙهيو ته ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي وئي.
جينيليا چيو ته هوءَ ڪيئي ڪلاڪن تائين سوچيندي رهي ته اهڙو ڇا ٿيو يا کائنس ڪهڙي غلطي ٿي؟ سڄي رات سندس پريشاني ۾ گذري، رتيش صبح ساڍي نائين وڳي اُٿيو ۽ دلچسپ ڳالهه اِها ته کيس رات وارو ميسج ياد ئي نه هو، هن اُٿندي ئي فون ڪئي جنهن تي اداڪارا کيس چيو ته هن کي نٿو لڳي ته اسان کي ڳالهائڻ گهرجي ۽ فون بند ڪري ڇڏي.
اداڪارا موجب، رتيش اِهو ٻڌندي ئي چيو ته ڇو ڇا ٿيو ؟ اهڙو ڇا ٿي ويو؟ جنن تي جينيليا کيس چيو ته تون ائين ڇو ورتاءُ ڪري رهيو آهين ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي؟ جڏهن رتيش کي پيغام بابت ياد آيو ته هن وضاحت پيش ڪندي چيو ته اهو مذاق ۽ هڪ پرينڪ هو.
ياد رهي ته رتيش ۽ جينيليا جي شادي ٽي فيبروري ٻه هزار ٻارنهن تي ٿي هئي، جوڙي کي ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.