”پاڪستان سولو مخالف ناهي“ بروڊ انگلينڊ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسٽيورٽ بروڊ پاڪستان سان ٽيسٽ سيريز کي ڏکيو چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسٽيورٽ بروڊ هڪ انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ٽيم اڄڪلهه آئوٽ آف فارم آهي پر ان باوجود پاڪستان هڪ سولو مخالف نه آهي.
هن اڳڪٿيي ڪئي ته انگلينڊ جو جارحاڻو انداز پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪم ايندو، انگلش بيٽر کي بائونڊريز ملنديون آهن ۽ هو اسپنرن خلاف پريشان ناهن ٿيندا.
اڳوڻي فاسٽ بالر انگلش ڪرڪيٽرن کي صلاح ڏيندي چيو ته انگلينڊ کي تيزيءَ سان رنسون ٺاهڻيون پونديون ته جيئن مخالف ٽيم کي دٻاءُ ۾ آڻي نتيجا پنهنجي حق ۾ حاصل ڪري سگهجن.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستاني ٽيم بهترين ڪرڪيٽ ناهي کيڏي رهي، انگلينڊ کي هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ۽ جلد کان جلد پاڪستان ٽيم تي دٻاءُ ۾ قائم ڪرڻو آهي.
اڳوڻي فاسٽ بالر قبول ڪيو ته اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته پاڪستان وٽ ورلڊ ڪلاس ٽيلنٽ آهي، اهڙا رانديگر آهن جيڪي ميچ کٽرائي سگهن ٿا انڪري هو هڪ سولو مخالف نه آهي.
اسٽيورٽ بروڊ اِهو به چيو ته 2022 ۾ انگلينڊ پاڪستان جو دورو ڪيو جيڪو يادگار رهيو، سمورن رانديگرن پاڪستان جي دوري دوران انجواءِ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.