لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ جي ٻين شهرن کانپوءِ لاهور ۾ به قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت ٽي آڪٽوبر کان اٺ آڪٽوبر تائين ڇهن ڏينهن لاءِ شهر ۾ قلم 144 لاڳو هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ٽي کان اٺ آڪٽوبر تائين لاهور جي حدن ۾ هر قسم جي سياسي ميڙاڪي، ڌرڻي، جلسن، مظاهرن، احتجاج ۽ اهڙي ٻين سرگرمين تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪو به عوامي ميڙاڪو دهشتگردي لاءِ سولو هدف ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ضلعي انتظاميا جي سفارش تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پنجاب جي ٻين ضلعن، فيصل آباد، بهالپور، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالي، چنيوٽ ۽ جهنگ ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تحريڪِ انصاف طرفان به پنج آڪٽوبر تي مينارِ پاڪستان لاهور تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي.
You might also like