حيدرآباد ( رپورٽر ) انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن تي جڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ، يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جي سربراهه سنڌو نواز گھانگھرو کي ڏنل موتمار ڌمڪين تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ڌمڪين جي جاچ ڪرائي سنڌو نواز کي تحفظ ڏنو وڃي ، سنڌو نواز ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان کي درخواست ڏني آھي ته ھن پوليس ھٿان عمر ڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاھين قتل خلاف عمر ڪوٽ ۾ احتجاج ڪيو ھو ان احتجاج کان پوءِ ڪجھ مذھبي انتھا پسندن کيس مارڻ ۽ ساڙڻ جون رڪارڊ ڪيل ڌمڪيون ڏنيون آھن جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي ڪو آرڊينيٽر غفرانه آرائين پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌو نواز کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي کيس ڏنل ڌمڪين وارو عمل سماج ۾ تشدد جي رجحان کي سگھ بخشيندو اھڙو عمل انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ فردن جي رستا روڪ ڪندو اھڙين ڌمڪين کي اسين اظھار راءِ جي آزادي تي وار سمجھون ٿا جوائينٽ ايڪشن ڪميٽيءَ سنڌ جي گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سنڌو نواز گھانگھرو کي مڪمل تحفظ ڏئي ڌمڪين ڏيندڙن خلاف جاچ ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي جاچ ٽيم پاران واقعي واري هنڌ جو جائزو
ميرپورخاص (ڊ ر)ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم سنڌڙي لڳ جاءِ واردات تي پهچي معائنو ڪيو، ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي شهيد بينطيرآباد ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ تي جوڙيل ڪاميٽي فارنزڪ ٽيم ۽ جيوفينسنگ ٽيم سان گڏ سرزمين تي پهچي علائقي واسين کان بيان ورتا آهن، ٻئي طرف ذريعن موجب، جاچ ٽيم فرار جوابدارن جي گرفتارين لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن ۽ ڪجهه گرفتاريون به ڪيون ويون آهن.
-
لاهور ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي ڀيٽا، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
لاھور (عوامي آواز نيوز) پنجاب جي گاديءَ واري شھر لاھور ۾ انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سنڌ جي امن ۽ رواداري پسندن سان يڪجهتي جو اظھار ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي تصويرن کي گلن جي ڀيٽا ڏئي ميڻ بتيون ٻاريون ، عدالت کان مٿاھين قتل ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز جي تصوير تي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي نظم جون ھي سٽون لکيل ھيون ” ھم جو تاريخ ڪي راھون ۾ ماري گئي“ سول سوسائٽي، انساني حقن ۽ کاٻي ڌر سان سلھاڙيل سوين ماڻھن عورتن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا ۽ ھو ھن قتل ۾ ملوث ماڻھن جي گرفتاريءَ جي گھر ڪري رھيا آھي. ان موقعي تي محمد تحسين ۽ سيمسن سلامت چيو ته پنجاب جا ترقي پسند، امن دوست تنظيمون ۽ فرد ڊاڪٽر شاھنواز جي عدالت کان مٿاھين قتل تي سنڌ جي امن پسند ماڻھن جي درد کي پنھنجو درد سمجھن ٿا، ھي ڏک اسان جو گڏيل ڏک آھي سنڌ سدائين امن ۽ محبت جو درس ڏنو آھي ۽ اڄ ان ڌرتيءَ تي ڊاڪٽر شاھنواز کي عوام جي محافظ پوليس اهلڪارن ماري ڇڏيو ، ھن ڏکوئيندڙ ميڙاڪي ۾ ھر اک آلي ھئي ۽ ھو سنڌ حڪومت کان انصاف جي گھر ڪري رھيا ھئا.
داڪٽر شاهنواز ڪيس: عدالت پاران پيش ڪيل جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي
ميرپورخاص(بيورورپورٽ)نبيﷺجي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارجي سنڌڙي لڳ جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش کي ساڙڻ ۽ بيحرمتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 34 جوابدارن مان گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مولوي احمد شاهاڻي،مولوي رياض پنهور، مولوي امجد پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نورحسن پنهور، غمشاد علي پنهور، محمد سيفل پنهور، لکمير سميجو، ارشد سميجو، عليم سميجو، محمد سليم ساند، معشوق خاصخيلي، فقيرمحمد پليجو، بدرالدين، عبدالغفار ۽ دائود سميت 18 جوابدارن کي عمرڪوٽ پوليس ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري جوابدارن کان جاچ لاءِ وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، عدالت پاران پيش ڪيل جوابدارن کي وڌيڪ ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
-
عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مفت ڪتاب ورهايا ويا
عمرڪوٽ (ڊ ر)عدالت کان مٿاھين قتل ٿيل عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ڀيٽا ڏيندي سنڌ سڀا تنظيم پاران مفت ڪتابن جو اسٽال ھڻي نوجوانن، شاگردن ۽ شھرين ۾ ھڪ ماڻھو ھڪ ڪتاب جي سري ھيٺ مفت ڪتاب ڏنا ويا، عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو لڳايل اسٽال تي نوجوانن جي تمام گھڻي رش لڳل رھي، ان موقعي تي ڊاڪٽر شاھنواز جي نالي جو بئنر به لڳايو ويو ھو، سنڌ سڀا جي انعام سنڌي، باغي شاھد ۽ ٻين اسٽال تي موجود رھي ڪتاب ڏنا، ميڊيا سان ڳالھائيندي انعام سنڌي چيو ته سنڌ مان انتھاپسندي جي خاتمي لاءِ ضروري آھي ته نوجوان ڪتاب پڙھن مطالعي سان تمام گھڻيون تبديليون آڻي سگھجن ٿيون
-
عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف احتجاج
عمرڪوٽ ( ڊ ر) جسقم شهيد بشير خان طرفان عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر جميل ڌونڪائي، صاحب خان کوسو ۽ سرائي غلام نبي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججن کان ڊاڪٽر شاھنواز واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.