ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تي خدشا وفاق سامهون رکي ڇڏيا آهن. واضع طور چوان ٿو ته سنڌ قيامت تائين مڪمل وحدت سان قائم رهندي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته وفاق ان معاملي تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندس ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ معيشت سان کيڏيو ويو، ملڪ ۾ سنڀالڻ ۾ وقت لڳو آهي، پي ٽي آءِ جا غلط فيصلا ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، ملڪ اڃا معاشي مسئلن مان ناهي نڪتو. سندس چوڻ هو ته ميثاق جمهوريت ۾ ججن جي سليڪشن جو طريقي ڪار ۽ عدالت ٺهڻ جو عمل واضح آهي، پ پ جي منشور ۾ به آئيني عدالتون شامل آهن، چيو پيو وڃي ته عدالتون ڪنهن هڪ شخص لاءِ ٺاهيون پيون وڃن. مراد علي شاهه چيو ته ميڊيا تي وڏي ذميواري آهي ته ماڻهن تائين اصل حقيقتون پهچائي، اڳ صحافت جو اسٽينڊرڊ هاءِ هوندو هو، هاڻ هر موبائل وارو صحافي آهي، صحافت جي غلط استعمال سان نقصان ٿيندا آهن. وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي 700 نون ميمبرن لاءِ پلاٽ، ڪراچي پريس ڪلب هائوسنگ سوسائٽي هاڪس بي جي سمورن بلاڪن ۾ بائونڊري وال ۽ ڊولپمينٽ اسڪيم جي تجويز، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 80/ صحافين لاءِ ايم ڊي اي ۾ 20 لک جي ادائيگي جو فارمولا، ڪراچي پريس ڪلب جي ليز جو معاملو ۽ ميمبرن جا اڪثر مسئلا هڪ مهيني ۾ حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي نومبر جي پهرين هفتي ۾ ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، خاص مددگار وقار مهدي ۽ سنڌ حڪومت جي اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير جي پريس ڪلب پهچڻ تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، خزين احتشام سعيد قريشي، گورننگ باڊي ميمبرن نواب قريشي، شمس ڪيريو، مونا صديقي، شازيه حسن، نور. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد ڪلهوڙي ڪراچي پريس ڪلب کي 7 ڪروڙ رپيا ڏيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ اطلاعات واري وزير جا ٿورا مڃيا. سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس جي جاچ ڪري وارثن کي چيو ته توهان ايف آءِ آر داخل ڪرايو يا رياست پاڻ ئي ڪندي، مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز واري حالت ڪا نئين ناهي. هتي هڪ گورنر شهيد ٿي ويو، وڏي وزير چيو ته اسان آءِ جي سنڌ کي چيو آهي ته حساس هنڌن تي مقرر اهلڪارن جو نفسياتي معائنو ڪرايو وڃي.