واٽس ايپ جو استعمال رڳو دوستن ۽ گهروارن کي پيغام موڪلڻ لاءِ ئي ناهي ڪيو ويندو پر ان ۾ وائس ۽ وڊيو ڪالز جي سهولت پڻ موجود آهي.
ميٽا جي ملڪيت ميسجنگ ايپ ۾ وڊيوز ڪالز کي مسلسل بهتر بڻايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ مختلف فيچرز جهڙوڪ اسڪرين شيئرنگ ۽ ڪال لنڪس وغيرا متعارف ڪرايا ويا آهن.
پر هنيئر تائين واٽس ايپ واهپيدار وڊيو ڪالز دوران پنهنجي پٺيان واري منظر کي لڪائي نٿا سگهن، پر هاڻي واهپيدار واٽس ايپ وڊيو ڪالز دوران بيڪ گرائونڊ تبديل ڪري سگهندا.
ڪمپني طرفان مختلف فلٽرز ۽ بيڪ گرائونڊز ايفيڪٽس کي ميسجنگ ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ميٽا طرفان 10 فلٽرز ۽ 10 بيڪ گرائونڊز کي واٽس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي جيڪي اوهان وڊيو ڪالز دوران استعمال ڪري سگهو ٿا.
بيڪ گرائونڊز ايفيڪٽس ذريعي اوهان وڊيو ڪال دوران پس منظر تبديل ڪري سگهندئو، اهڙي ريت فلٽرز استعمال ڪري وڊيو ۾ وارم يا ڪول لُڪ جو واڌارو ڪرڻ ممڪن آهي.
ڪمپني موجب، واهپيدار ڪنهن ورچوئل بيڪ گرائونڊز کي به وڊيو ڪال ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا جڏهن ته واهپيدارن پس منظر کي بِلر ڪرڻ وارو آپشن پڻ کي دستياب هوندو.
وڊيو ڪالز لاءِ هڪ ٽچ اپ آپشن به متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن اوهان ڪالز دوران وڌيڪ بهتر نظر اچي سگهو، اِهو مختلف اينڊرائيڊ فونز ۾ موجود بيوٽي فلٽرز جهڙو آپشن آهي.
لو لائيٽ نالي آپشن به واٽس ايپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهٽ روشني وارن جاين تي به وڊيو ڪالز جو معيار بهتر بڻائي سگهجي.
ٽچ اپ لو لائيٽ آپشنز ان وقت به ڪم ڪندا جڏهن اوهان وڊيو ڪال ۾ ڪنهن فلٽر يا ورچوئل بيڪ گرائونڊ جو استعمال ڪندئو.
ڪمپني موجب، انفرادي يا گروپ وڊيوز ڪالز ٻنهي ۾ فلٽرز ۽ بيڪ گرائونڊز کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن اندر اِها سهولت سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي ويندي.
You might also like