اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت رائٽ سائزنگ پلان تحت ڊيلي ويجز ملازم فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 30 سيپٽمبر 2024 کان ڊيلي ويجز ملازمن جون خدمتون سرپلس پول حوالي ڪري ڇڏيون، ان حوالي سان باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان چيو ويو آهي ته حڪومتي هدايتن تحت رائٽ سائزنگ پاليسي کي نظر ۾ رکندي سمورن ڊيلي ويجز ملازمن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي 30 سيپٽمبر 2024 کانپوءِ انهن جون خدمتون گهربل ناهن.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته باقي وزارتون ۽ ڊويزنز به پنهنجي پنهنجي ڊيلي ويجز ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪندا.
You might also like