”ثاقب نثار جي آڊيو اڄ به مون وٽ آهي ته نواز شريف کي ڪڍڻو ۽ عمران خان کي آڻڻو آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو اڄ به مون وٽ آهي ته نواز شريف کي ڪڍڻو ۽ عمران خان کي آڻڻو آهي.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اهڙي ڪا جماعت ٻڌايو، جنهن ن ليگ جيترو ڪم ڪيو هجي، دهشتگردي ن ليگ ختم ڪئي، ملڪ کي ايٽمي قوت ن ليگ بڻايو، اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چوندا آهيون ته اسان جا مخالف ان کي ٻيهر وٺي ايندا آهن.
هن چيو جيل ۾ ويٺل شخص کان پڇو ته ان خيبر پختونخواهه لاءِ ڇا ڪيو؟ اهي ڀڃ ڊاهه ۾ نمبر ون ۽ ڪارڪردگي ۾ ٻڙي آهن، اهي خيبر پختونخواهه مان ائين پنجاب ايندا آهن، جيئن ماضي ۾ وچ ايشيا جا ماڻهو پنجاب تي اچي حملو ڪندا هئا، مان سمجهان ٿو ته اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڇا اسان موٽر ويز احتجاج لاءِ ٺاهيون آهن؟ هو چوندو هو ته ڳچي ۾ رسو وجهي جيل ۾ وجهندس، ايڏيون وڏيون ڳالهيون نه ڪندا ڪيو، عاجزي سکو، ثاقب نثار جي آڊيو اڄ به مون وٽ آهي ته نواز شريف کي ڪڍڻو ۽ عمران خان کي آڻڻو آهي، ڌرڻن جي سياست ۽ انهن ماڻهن اڄ پاڪستان کي هي ڏينهن ڏيکاريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.