اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته مسلم امت کي توهان جي ناز آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف سان ناليواري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي، وزيراعظم پاڪستان آمد تي سندس آجيان ڪئي ۽ چيو ته مسلم امت کي توهان تي ناز آهي، توهان جي ٻڌندڙن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو آهي، مان به توهان جا ليڪچر شوق سان ٻڌندو آهيان، جيڪي تاثر سان ڀرپور هوندا آهن.
هن چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ توهان اسلام جو درست پيغام ماڻهن تائين پهچائي انتهائي اهم فرض انجام ڏئي رهيا آهيو.
شهباز شريف 2006 ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مان 1991 ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڄ تائين ان جون يادون تازيون آهن، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، جيڪو اسان کي هر معاملي تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪيان.
You might also like