ايپل سستو ترين آءِ فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان نئين آءِ فون ايس اي تي ڪم شروع ڪيو ويوآهي جيڪو 2025 ۾ متعارف ڪرايو ويندو،جيڪو ايس اي سيريز جو چوٿون فون هوندو.
اِهو نئون آءِ فون ايس اي بنيادي طور آءِ فون 14 تي ٻڌل هوندو يعني ان ۾ هوم بٽڻ موجود نه هوندو جڏهن ته ان ۾ فيس آءِ ڊي واري آپشن جو واڌارو ڪيو ويندو.
فون جي اندر ڪمپني جي نئين پراسيسرز منجهان هڪ موجود هوندو يعني ايس اي ۾ ايپل انٽيلجينس نالي آرٽيفشل انٽيليجنس ماڊل تي ٻڌل فيچرز پڻ موجود هوندا.
في الحال اهو واضح ناهي ته فون جي بيڪ تي 2022 واري آءِ فون ايس اي ٿري جيان 12 ميگا پڪسل ڪئمرا هوندي يا ان ڀيري وڌيڪ طاقتور ڪئمرا ڊيوائس جو حصو هوندي.
ياد رهي ته هن وقت آءِ فون اي اي ( 2022) ڪمپني جي سستو ترين فون آهي، جيڪو 429 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته نئين آءِ فون ايس اي سان گڏ ڪمپني 2 نون آءِ پيڊ ايئر ماڊلز ۽ ميجڪ ڪي بورڊ جي نئين ورزن تي به ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.