پاڪستان جي بلاڪ بسٽر فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ جي ڀارتي سئنما گهرن ۾ نمائش روڪي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سپر اسٽار فواد خان ۽ ماهرا خان جي بلاڪ بسٽر فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ اڄ ڀارتي پنجاب جي جي سئنما گهرن رليز ٿيڻي هئي، پر فلم جي رليز ملتوي ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت ۾ دي ليجنڊ آف مولا جٽ فلم جي ڊسٽري بيوٽر ۽ پاڪستاني فلم پرڊيوسر نديم مانڊوي والا فلم جي رليز ملتوي ٿيڻ وارين خبرن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عدالتي منع نامي سبب فلم کي رليز ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
نديم مانڊوي والا چيو ته بدقسمتي سان فلم جي رليز هڪ ڀيرو ٻيهر روڪي وئي آهي ۽ ڪو به تيستائين ڪجهه نٿو ڪري سگهي جيستائين عدالت پنهنجو فيصلو نٿي ٻڌائي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارت ۾ هندو انتها پسندن پاڪستاني فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ جي ڀارت ۾ رليز روڪڻ لاءِ ڌمڪيون به ڏئي چڪا آهن.
هندو انتها پسند پارٽي مهارشٽرا نونريمان سئنا جي سربراهه راج ٺاڪر مهارشٽرا رياست جي ٿيٽر مالڪن کي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته رياست ۾ ڪنهن به صورت ۾ پاڪستاني فلم رليز نه ٿيندي.
ياد رهي ته 1979 جي ڪلاسِڪ مولا جٽ جي ري ميڪ فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ 2022 ۾ رليز ٿي هئي جنهن سموري دنيا ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪاروبار ڪيو هو.
You might also like