ڪراچي ۾ گرين ۽ اورنج لائن بس مسافرن لاءِ وڏي سهولت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرين لائن ۽ اورنج لائن سروس لاءِ سمارٽ ٽڪيٽنگ جي سهولت شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت مسافر پنهنجي ڊيبٽ ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي پيسينجر پاس ۾ بيلنس لوڊ ڪرڻ سان گڏ ٽڪيٽ جي خريداري ڪري سگهندا.
ايس آءِ ڊي سي ايل جي بورڊ ميمبر اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي سروس جو افتتاح ڪيو ۽ چيو ته ملڪي سطح تي ڪنهن به ماس ٽرانزٽ سسٽم لاءِ سمارٽ ٽڪيٽنگ جي هيءَ پهرين سهولت آهي.
هن چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي گرين لائن مسافرن کي آساني ٿيندي، سڀني اسٽيشنز تي مسافر پنهنجي پيسينجر ڪارڊ ۾ رقم ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي لوڊ ڪري سگهندا.
ان موقعي تي آپريشنز مئنيجر عبدالعزيز گورايا چيو ته پاڪستان ۾ پهرين ميٽرو سروس ۾ سمارٽ ٽڪيٽنگ جي سهولت شروع ڪئي وئي آهي، اها سهولت ڪنهن به بئنڪ جي ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ تحت حاصل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.