انگلش ٽيم سان منسوب ” بيزبال “ لفظ جو مطلب ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان ڪرڪيٽ شوقين آهيو ته اوهان گذريل ٻن ورهين دوران هڪ نئين اصطلاح ” بيزبال “ ضرور ٻڌي هوندي جيڪا خاص طور انگلش ڪرڪيٽ ٽيم سان منسوب آهي.
انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز پاڪستان پهچي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ ست آڪٽوبر کان ملتان ۾ شيڊيول آهي.
2022 ۾ انگلش ٽيم پاڪستان جي دوري دوران ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ۽ ميزبان ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪندي وائيٽ واش ڪيو.
ان سيريز ۾ انگلينڊ جي ٽيم جارحاڻو انداز اختيار ڪندي پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف پهرئين ڏينهن پنج سئو ڇهه رنسون ٺاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو 112 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
انگليش ٽيم گذريل ٻن سالن کان بيزبال ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ مشهور آهي، سوشل ميڊيا هجي يا وري خبرن جي هيڊلائينز اِهو لفظ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سان منسوب ٿي ويو آهي.
” Bazball“ لفظ جو مطلب ڇا آهي؟
بيزبال لفظ جو بنيادي مطلب ٽيسٽ ميچن کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ کيڏڻ جي انداز بدلائڻو پوندو، يعني ٽيسٽ ميچن ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ تيز رفتاريءَ سان رنسون ٺاهڻيون پونديون.
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪوچ برينڊن ميڪلم جي قيادت ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ڪيوي بيٽر جي نئين سوچ ظاهري طور راند جي ڊگهي فارميٽ ۾ کيڏڻ جو انداز بدلائي ڇڏيو آهي.
2022 ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ برينڊن ميڪلم کي انگلش ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ بين اسٽوڪس کي ڪپتان بڻايو جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم پنهنجي حڪمت عملي بدلائيندي روايتي ٽيسٽ ميچ واري انداز کي مڪمل طور تبديل ڪندي ٽيسٽ ميچن ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو.
جتي ٽيسٽ ميچ ۾ بيٽر سست رفتاري سان بيٽنگ ڪندا هئا، اتي انگلش بيٽرن تيز بيٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ رن ريٽ کي چار کان پنج رنز في اوور تائين کڻي ويا ۽ ٽيسٽ ميچ ۾هڪ ڏينهن اندر پنج تائين به رنسون ٺاهيون.
انگلش ٽيم۾ اِها وڏي تبديلي برينڊن ميڪلم جي انگلينڊ جي ڪوچ بڻجڻ کانپوءِ آئي، هتي اوهان کي اِهو به ٻڌائيندا هلون ته ميڪلم کي پيار مان ” بيز “ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، سندس انگلش ٽيم جي بڻجڻ کانپوءِ انگلينڊ جي ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز کيڏڻ وارو انداز اپنايو آهي تنهنڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هاڻ جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻ تي بيزبال جو نالو ڏنو ويو آهي.
انگلينڊ جي ٽيم کي بيز بال جو لقب ڪنهن ڏنو؟
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ انگلش ٽيم جي جارحاڻي انداز کي بيز بال جو نالو مشهورڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي ايڊيٽر اينڊريو ملر 2022 ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڏنو.
انڊريو ملر برينڊن ميڪلم جي ڪوچنگ ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ڪرڪيٽ جي نئين برانڊ جي منظرِعام تي اچڻ کانپوءِ راند جي هن جارحاڻي انداز کي بيز بال جو نالو ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.