ڀارتي شهر بينگلورو ۾ سمهڻ جو دلچسپ مقابلو ٿيو، جيڪو هڪ عورت کٽي لکين رپيا انعام حاصل ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب سيشوري پاٽل نالي عورت هڪ سيڙپڪاري بينڪر آهي، جنهن سمهڻ جي انٽرن شپ پروگرام ”ويڪ فٽ“ جي ٽئين سيزن ۾ حصو ورتو ۽ ”سليپ چيمپيئن“ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
رڳو ايترو ئي نه پر عورت 9 لک ڀارتي رپيا به انعام طور حاصل ڪيا.
ان مقابلي ۾ سيشوري سميت 12 ڄڻن حصو ورتو، جنهن جو مقصد سٺي ۽ پرسڪون ننڊ جي عادت کي هٿي ڏيڻ هو، ان مقابلي ۾ حصو وٺندڙن کي هر رات 8 کان 9 ڪلاڪ سمهڻ ۽ ڏينهن ۾ 20 منٽن جي پاور نيپ وٺڻ جو چيو ويو.
انتظاميا طرفان شرڪت ڪندڙن کي آرام ڏيندڙ بسترو فراهم ڪيو ويو ۽ هڪ ڪانٽيڪٽ ليس سليپ ٽريڪ به ڏنو ويو هو ته جيئن ننڊ جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
ان مقابلي ۾ حصو وٺندڙن ماهرن کان ننڊ بابت ورڪشاپ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪئي، جڏهن ته ويڪ فٽ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ٽنهي سيزن لاءِ 10 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن حصو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو پر 51 ماڻهن کي ئي مقابلي لاءِ چونڊيو ويو.
انتظاميا مقابلي جي سيزن 4 جي به شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ درخواستون به کوليون ويون آهن، جتي چونڊجندڙ انٽرنز لاءِ هڪ لک رپيو وظيفو ۽ ايندڙ ”سليپ چيمپيئن“ بڻجي 10 لک رپين تائين کٽڻ جو موقعو ملي سگهندو.
You might also like