آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڏسندي خطي ۾ پنهنجي فوجي اثاثن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪا وچ اوڀر ۾ جن فوجي اثاثن ۾ واڌ ڪئي آهي، انهن ۾ جديد ملٽري جهاز ۽ ڊرونز شامل آهن.
آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته فلسطين ۽ ان جي حمايت يافته تنظيمن جي سخت نگراني ٿيندي ۽ اسرائيل تي ڪنهن به حملي جو جواب ڏنو ويندو.
وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪي ايئر فورس جي ايف 16، ايف 15اي ۽ اي 10 جنگي جهاز وڌائڻ جو منصوبو آهي، جنهن جي آمريڪي بچاءَ واري کاتي فوري طور منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
آمريڪي اخبار وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسرائيل کي ميزائل ۽ ڊرون حملي کان محفوظ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
وال اسٽريٽ جرنل جو چوڻ آهي ته اپريل ۾ ايراني ميزائل ۽ ڊرونز حملا روڪڻ ۾ آمريڪي جهازن اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ايراني ميزائل کي فضا ۾ آمريڪي جهازن ايف 15 اي ۽ ايف 16 نشانو بڻايو هو.
You might also like