نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽر رضا حسن ڀارت سان واسطو رکندڙ غير مسلم ناري پوجا سان مڱڻو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اڳوڻي اسپنر رضا حسن پوجا جي مڱڻو نيويارڪ ۾ ٿيو ۽ ٻنهي جي شادي ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، رضا حسن ۽ پوجا جي شادي جون باظابطا تقريبون ايندڙ سال فيبروري ۾ شروع ٿينديون.
پنهنجي بيان ۾ رضا حسن چيو ته پوجا اسلام ۾ گهري دلچسپي ۽ جلد کي مسلمان ٿيڻ جو ارادو رکي ٿي.
واضح رهي ته رضا حسن هاڻي پاڪستان ڇڏي آمريڪا منتقل ٿي چڪو آهي، هو هڪ ون ڊي ۽ ڏهه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
You might also like