سنڌ ۾ مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي 26 ضلعن ۾ خالي مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفسرن، رٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
9 کان 11 آڪٽوبر تائين رٽرننگ آفيسرن وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا ۽ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي.
صوبي ۾ 77 مختلف ڪيٽيگري جي مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ ٿيندي، ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 10 مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊ ٿيندي.
ڪراچي ۾ 4 چيئرمين، 2 وائيس چيئرمين ۽ 4 وارڊ ڪائونسلر جي سيٽن تي ضمني چونڊ ٿيندي، صدر ٽائون جي يوسي 13 جي سيٽ ميئر مرتضيٰ وهاب هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪاميابي سبب ڇڏي هئي.
صوبي ۾ 22 يوسي چيئرمين، 15 وائيس چيئرمين، 29 وارڊ ميمبرز ۽ 11 ميمبرز ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جون سيٽون خالي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.