آئيني عدالت جو ميثاق جمهوريت جو حصو آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آئيني عدالت جو قيام ميثاق جمهوريت جو حصو آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پ پ جي ڪوشش آئيني عدالت جو قيام آهي، پ پ آئيني عدالت جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ 15 سيڪڙو ڪيس سياسي آهن، عدالتن ۾ ڪيس سالن کان هلي رهيا آهن، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته آئين جي تشريح سپريم ڪورٽ جو حق آهي، اها طاقت حاصل ڪرڻ جي جنگ ناهي، پارليامينٽ پنهنجو حق مڃرائڻ لاءِ ڇو ڪجهه نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.