صحت جي عالمي اداري پاڪستان مان خطرناڪ مرض جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري پاڪستان ۾ نور کان محروم ڪندڙ بيماري ٽريڪومه جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊبليو ايڇ ا طرفان ٽريڪومه فري ڪنٽري جي مبارڪباد جو خط وزيراعظم حوالي ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مان ٽريڪومه جي خاتمي جو اعلان تاريخي آهي.
هن چيو ته ٽريڪومه جي خاتمي ۾ صحت واري وزارت، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او جون ڪوششون شامل آهن، ٽريڪومه جي خاتمي لاءِ سڀني ادارن گڏجي ڪم ڪيو.
سندس چوڻ هو ته وقت تي علاج ذريعي ماڻهن کي نور کان محروم ٿيڻ کان بچايو ويو، اميد آهي ته ان بيماري تي نظر رکي ويندي ته جيئن ٻيهر واپس نه اچي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان پوليو ۽ هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ مان پوليو جو خاتمو به ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.