ٻن هفتن کان مسلسل نِڇون، عورت بيحال، اختيارين کي مدد جي اپيل

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ عورت کي انوکو مرض ٿي ويو، جيڪا 13 ڏينهن کان مسلسل نِڇون ڏئي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب باتمان شهر جي رهواسڻ بينظير نالي 24 ورهين جي عورت ان تڪليف ڏيندڙ عارضي جو شڪار آهي.
رپورٽ موجب هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، کيس 18 سيپٽمبر کان نڇون اچڻ شروع ٿيون، جيڪي اڃا تائين جاري آهن.
نڇون نه بيهڻ تي عورت کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي پر ڪو فائدو نه ٿيو ۽ مسلسل نڇون اچڻ جو ڪارڻ به معلوم نه ٿي سگهيو.
وارثن موجب بينظير 13 ڏينهن کان مسلسل نڇون اچڻ سبب پريشان آهي، هن کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنو آهي، هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، ان جو سمهڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، ڪو حل نٿو نڪري، اختيارين کي درخواست آهي ته بينظير جي علاج ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.
واضح رهي ته 3 سال اڳ به باتمان شهر ۾ اهڙو ئي ڪيس سامهون آيو هو، جنهن ۾ 15 ورهين جي ڇوڪري کي مسلسل نڇن سبب اسپتال آندو ويو ۽ ڪامياب سرجري کانپوءِ هوءَ صحتياب ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.