ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ريٽرنز فائل ڪرڻ جو نئون رڪارڊ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 35 لک کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا ويا.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ساليانا آمدني ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو انگ 35 لکن کان وڌي ويو آهي، انهن گوشوارن سان ٽيڪس گذارن 55 ارب رپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس به جمع ڪرايو آهي.
اهو انڪشاف سومر ۽ اڱاري جي وچين رات ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ان لينڊ روينيو آپريشنز ۽ ٻين ٽيم ميمبرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
وفاقي وزير محمد اورنگزيب موجب گذريل سال 30 سيپٽمبر تائين 16 لک ٽيڪس گوشوارا ايف بي آر کي وصول ٿيا هئا، اهڙي ريت سال 24-2023 جي ساليانا ٽيڪس گوشوارا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ جمع ڪرايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.