اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم کي گذريل ڪجهه ورهين دوران هڪ گروهه جي نااهلي سبب ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.
وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو ۽ سپٽيمبر ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو هجڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
هن چيو ته آگسٽ 2024 ۾ 34 مهينن دوران پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، وري سپٽيمبر ۾ گذريل 44 مهينن دوران مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل واعدن جي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي آهي، مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو هجڻ سان عام ماڻهوءَ کي رليف ملندو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به لاڳيتو لاٿ سان عوام کي رليف ملي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح گهٽجڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025 تائين ست سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024 ۾ ئي حاصل ڪرڻ قابلِ ستائش آهي.
هن چيو ته پهرئين ڏينهن کان عوامي رليف لاءِ قدم کڻڻ اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي ڏيوالي جي خواهشمندن جو منصوبو ناڪام ٿي ويو.
You might also like