مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ) سنڌ جو ناليوارو مزاحمتي شاعر گدا خاصخيلي زندگي جي جنگ هارائي ويو.
گدا خاصخيلي وڏي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو، سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي ۽ چونڊيل نمائندن سندس ڪا به سار نه لڌي.
طبعيت ناساز ھجڻ ڪري کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس وارثن الھه تلھه وڪڻي علاج ڪرايو پر مالي حالتون ڪمزور ٿيڻ ۽ مالڪي نه ٿيڻ سبب وارث کيس اباڻي ڳوٺ کڻائي آيا، جتي حالت خراب ٿيڻ سبب کيس نوشھروفيروز اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
گدا خاصخيلي جي جنازي نماز صوفي فقير درگاھه ديدار علي سائين تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، خالق جوڻيجو، ھاشم کوسو ۽ ٻين ڪارڪنن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، استادن، فنڪارن، عزيزن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز کانپوءِ گدا خاصخيلي جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ آخري آرامگاھه تي قومي جھنڊو پڻ ڦڙڪائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
You might also like