اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنگجاني جلسي ۾ ڪيل تقريرن تي تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومت 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ڪيل تقريرن تي ايڪشن وٺي ڇڏيو، جنهن تحت تقريرون ڪندڙ اڳواڻن خلاف بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويندا.
ذريعن موجب حڪومت طرفان قانون واري وزارت معرفت بغاوت جو ڪيس فوجداري ضابطن جي سيڪشن 196 تحت داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آئين موجب اها شق ناقابل ضمانت، جڏهن ته گرفتاري لاءِ پوليس کي به وارنٽ جي ضرورت ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت ۽ وفاقي پراسيڪيوٽر جنرل ٻنهي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي ۽ پوءِ باقاعدا پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواست ڏني ويندي.
You might also like