لاهور (ويب ڊيسڪ ) گلوڪار ۽ سماجي اڳواڻ ابرار الحق چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان آزاديءَ کانپوءِ ساڻس رابطو ڪندو ته هو پاڪستان لاءِ ضرور ڪم ڪندو.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ابرار الحق چيو ته هن وقت هو سياست کان توبهه ڪري ورتي آهي، ڇو ته ملڪ ۾ سياست ناهي ٿي رهي، پر جڏهن سياست ٻيهر شروع ٿيندي هو پنهنجي فيصلي تي غور ڪندو.
ابرار الحق ڪالم نگار حسن نثار جي راءِ جو حوالو ڏيندي چيو ته حسن نثار چيو هو ته ” منهنجو وس هلي ته جولاءِ ۾ ٻارن جي پيدائش تي پابندي مڙهي ڇڏيا“.
هن وضاحت ڏيندي چيو ته سندس تعلق جولاءِ ۾ پيدا ٿيندڙ حساس ماڻهن سان آهي، جيڪي ٻين جو وڌيڪ احساس ڪن ٿا ۽ پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.