ابوظهبي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان لالچي هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
ابوظهبي ۾ انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊ ( آئيفا ) ۾ شاهه رخ خان فلم جوان لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
ايوارڊ وٺڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه رخ خان چيوته چئن سالن کانپوءِ هندي سئنما ۾ واپسي سندس لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي.
هن چيو ته مداحن طرفان کيس تمام گهڻي محبت ۽ خوشي ملي پر اِها گهٽ هئي ڇو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪائي فلم ڪري رهيو هئس.
شاهه رخ خان وڌيڪ چيو ته هن کي ايوارڊ بي حد پسند آهن، ڏاڍو سٺو محسوس ٿي رهيو آهي، گذريل سال ٻه بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون جنهن جو نتيجو هن ايوارڊ جي صورت ۾ مليو آهي.
واضح رهي ته شاهه رخ خان 2023 ۾ فلم پٺاڻ ذريعي چئن ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ وڏي پردي تي واپسي ڪئي، ساڳي ئي سال سندس هڪ ٻي فلم جوان رليز ٿي جنهن ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.
You might also like