ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ايندي؟ بي سي سي آءِ جو اهم بيان اچي ويو

ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ايندي يا نه؟ ڀارتي بورڊ طرفان وڏي اَپ ڊيٽ سامهون اچي وئي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا سومر جي ڏينهن ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪانپور ۾ جاري ٽيسٽ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان وڃڻ جو فيصلو حڪومتي منظوري سان ٿيندو، اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي.
هن چيو ته هو بين القوامي دورن لاءِ هميشه حڪومت کان اجازت وٺندا آهن، حڪومت جيڪو فيصلو ڪندي بي سي سي آءِ اِهو قبول ڪندو .
واضح رهي ته ڀارت 2008ع کانپوءِ ٻطرفي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو ۽ ٻئي ٽيمون رڳو آءِ سي سي يا ايشيائي ايونٽ ۾ هڪٻئي خلاف کيڏنديون آهن.
ان عرصي دوران پاڪستان 2012 ۾ ٻطرفي سيريز، 2016 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2023 ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت جو دورو ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.