فٽنس برقرار رکڻ لاءِ ڪوهلي ڪهڙو خاص کير پيئندو آ؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ جي دنيا جو هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي سندس راند کانسواءِ فٽنس سبب به تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروع کان هنيئر تائين پنهنجي فٽنس جي حوالي سان گهڻو فڪر مند رهيو آهي، هو پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ ورزش سان گڏ پنهنجي خوراڪ جو به تمام گهڻو خيال رکندو آهي ته جيئن سندس فٽنس برقرار رهي.
اِهو چوڻ غلط نه هوندو ته ويرات ڪوهلي هن وقت دنيا جو فٽ تريز ڪرڪيٽرن منجهان هڪ آهي.
ڪوهلي فٽنس برقرار رکڻ لاءِ ڪهڙو خاص کير پيئندو آهي؟
ڇا اوهان يقين ڪندئو ته ويرات ڪوهلي ڳئون يا مينهن جو کير ناهي واپرائيندو؟ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ ڪوهلي، ڳئون، ٻڪري يا مينهن جو نه پر بادام ( آلمنڊ ملڪ ) مان تيار ڪيل خاص کير پيئندو آهي.
ڪوهلي هڪ انٽرويوءَ دوران ٻڌايو هو ته بادام جي کير ۾ سڻڀ تمام گهٽ مقدار ۾ هوندو آهي، اِهو وزن کي برقرار رکڻ ۾ لاءِ بهتر سمجهيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.