انسانن کان به وڌيڪ ذهين مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تمام جلد اسان جي زندگي گذارڻ جا طور طريقا بدلائي ڇڏيندي.
اهڙي اڳڪٿي چيٽ جي پي ٽي جهڙي مقبول اي آءِ چيٽ بوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪٽيو سام آلٽمئن ڪئي آهي.
هڪ بلاگ پوسٽ ۾ هن چيو ته تمام گهڻي ذهانت رکندڙ اي آءِ ٽيڪنالوجي ڪجهه هزار ڏينهن جي مفاصلي تي آهي، حد کان وڌيڪ ذهين مصنوعي ذهانت انسانن کي به پوئتي ڇڏي سنگين مسئلا حل ڪندي ۽ انساني ترقي کي تاريخ جي نئين سطح تي پهچائيندي.
سام آلٽمئن موجب، اي آءِ اوچتو تبديلي نه ايندي پر ان سان اسان اهڙو گهڻو ڪجهه ڪري سگهنداسين جيڪو مصنوعي ذهانت کانسواءِ ممڪن ناهي هوندو.
هن چيوته ٻارن جي جا پنهنجا ورچوئل استاد هوندا جيڪي کين مختلف موضوعن بابت مختلف ٻولين ۾ ڄاڻ فراهم ڪندا، اهڙي ريت ڊجيٽل اسسٽنٽس اسان جي صحت جو خيال پڻ رکندا.
سندس چوڻ هو ته ائين هوريان هوريان ٿيندو ۽ اسان ڪيئي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ڪم ڪنداسين جهڙوڪ موسمياتي تبديلين وارو مسئلو حل ڪري سگهنداسين، خلا ۾ هڪ ڪالوني جو قيام ممڪن بڻجي ويندو ۽ باقي سڀ ڪجهه عام ٿي ويندو، حد کان وڌيڪ ذهانت ۽ لامحدود توانائي سان ليس اي آءِ ٽيڪنالوجي جي تياري سان اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.
سام آلٽمئن چيو ته اي آءِ عهد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪمپيوٽِنگ جي لاڳت ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ انفراسٽرڪچر کي گهربل توانائي ۽ چپس فراهم ڪيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ اي آءِ ذريعي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان مان پيدا ٿيندڙ خطرن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.