اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي نون اگهن بابت اڄ اعلان ڪيو ويندو، هن ڀيري پيٽرول مهانگو ٿيندو يا نه؟ ان حوالي سان عوام لاءِ اهم خبر آئي آهي.
هلندڙ مهيني سيپٽمبر ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ واڌ ٿي آهي، جنهن سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پهرين آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ امڪاني طور پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تازي واڌ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ معمولي واڌ يا وري اگهن کي برقرار رکڻ جو امڪان آهي.
وفاقي حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ نون اگهن جو اعلان ڪندي.
You might also like